ڊاڪٽرسونوکنگهاراڻي: سماجي انقلاب جو آدرش

حميد ڏيپلائي

Originally published on February 18, 2010 


تاريخ ۾ مڙوئي ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي واچوڙن جا رخ موڙڻ جي اهليت رکندا آهن. زندگيءَ جا تجربا کين ايترو ته سيکاري ڇڏيندا آهن جو کين ايندڙ طوفانن جو اندازو ٿي ويندو آهي ۽ هو پنهنجن تجربن جي آڌار تي اهڙي ته حڪمت عملي جوڙيندا آهن جو اهي طوفانن جا رخ موڙيو وڃن. تاريخ ۾ اسان کي اهڙيون کوڙ شخصيتون نظر اچن ٿيون جن جي حڪمت عملين، مستقل مزاجي ۽ مسلسل جدوجهد قومن جي تقديرون بدلائي ڇڏيون. ٿر به اهڙو ئي هڪڙو خطو آهي جيڪو ڪڏهن سُکيو ستابو هو پر وقت  جي ستم ظريفي کيس ملڪ جو غريب ترين علائقو بنائي ڇڏيو. ٿر ۾ هوئن ته ڪافي نالي وارين شخصيتن جنم ورتو جن تاريخ، ادب، ثقافت ۽ شعروشاعري ۾ نمايان مقام پڻ حاصل ڪيو پر سماجي تبديلي ۽ شعوري جاڳرتا لاءِ ڪو خاص ڪم ڪار نه ٿي سگهيو. بهرحال انهيءَ حقيقت کان ته انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ڄام ساقي کان وٺي عثمان ڏيپلائي تائين سڀني سچ جو نه رڳو ساٿ ڏنو پر توڙ تائين نڀايو پڻ سهي. مسڪين جهان خان کوسو، ڄام ساقي ۽ عثمان ڏيپلائي ٿر جا اهي سپوٽ آهن جن تاريخ رقم ڪئي آهي. پر انهن سمورين حقيقتن جي باوجود شعوري جاڳرتا ۽ سماجي ترقيءَ جي ميدان ۾ ٿر وري به ڪيترائي سال پٺيان هو. هڪ پاسي مُدي خارج ريتون رسمون، طبقاتي ويڇا، ننڍ وڏائي، اونچ نيچ، ذات پات جا مت ڀيد ۽ دستياب سهوليتن تائين رسائي جي ٻٽن معيارن ۽ ٻئي پاسي مسلسل ڏڪارن ٿري سماج کي پٿر جي دور کان اڳتي نڪرڻ ئي نه پئي ڏنو. جتي شهري ٻار ڪمپيوٽر جي نت نون سافٽ ويئر تي بحث مباحثا ڪندا هئا اتي ٿري ٻار لاءِ ريل گاڏي عجوبو بڻيل هئي. ٻه ويلا ماني ٿرواسين لاءِ وڏو مسئلو هو.

مُدي خارج ريتن جي پاسداري ۾ جيون گهاريندڙ ماڻهو ڇا ڪن؟ پنهنجي پيٽ گذر جو سوچين يا سماجي تبديليءَ لاءِ پتوڙين؟؟

حڪمرانن کان ٻي ته ڪا چڳائي ڪونه پهتي پر ڏڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ جٽادار حڪمت عملي جوڙڻ بدران ٿرين کي خيرات جو هيراڪ بنائي ڇڏيو. تعليم ۽ صحت جي سهوليتن جي اڻهوند، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي اڻاٺ، وڻن جي واڍي، سيمن جو لتاڙجڻ ۽ سيمن تان وڙهڻ، ڀٽن ۽ پاساڙن جو کيڙجڻ، نانگ ڪکڻ جا عام جام واقعا، عورتن تي بيجا پابنديون، وياج خورن جون من مستيون ۽ سياستدانن جون ٺيڪيداريون ۽ انهن سڀني سان ڳنڍيل رواجي پٽيلن جا محدود معاشي وسيلن تي راتاها… اهو ئي هو ٿر ۽ ٿرواسين جو نصيب!! پر چوندا آهن ته نصيب سدائين هڪ جهڙا نه هوندا آهن. سُکن پٺيان ڏک ۽ ڏکن پٺيان سُک؛ اهوئي دستور آهي دنيا جو…

ان سڄي وايومنڊل ۾ ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته ڪو اسلام ڪوٽ جي پسگردائي ۾ هڪڙي چڻنگ ٻري چُڪي آهي جنهن جي من ۾ ڪا مانڌاڻ آهي، ڪا لوچ آهي، ڪا سوچ آهي.  پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جن ڏُکيائن کي ڊاڪٽر سوني منهن ڏنو تنهن کيس هيڻو ڪرڻ بدران سندس visionکي ويتر پُختو ڪيو. ذات پات جي مت ڀيد، غربت جي انتها ۽ قدرتي آفتن جي هاڃن گڏجي ڊاڪٽر صاحب جي سوچن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن ڊاڪٽر صاحب کي سيو دي چلڊرين (يوڪي) پاران ٿر ۾ ٿرديپ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام کي مقامي اداري طور منظم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته گهٽ پگهار هجڻ جي باوجود اسلام آباد جون ٿڌڙيون مٺڙيون هوائون ڇڏي، مرگلا پهاڙين جا خوبصورت نظارا ڇڏي ڊاڪٽر سونو واپس اچي پنهنجي خوابن، سوچن ۽ نظرين کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو.

مرحوم ڊاڪٽر اختر حميد خان ۽ شعيب سلطان خان جي عملي جدوجهد ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ بابت سندن ويچارن کان متاثر ڊاڪٽر سوني ٿر جي ماڻهن مان پنڻ جي عادت کي ختم ڪرڻ، منجهن خود اعتمادي ۽ خود انحصاري جي تصور کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ هيٺين سطح تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر سوني جو خيال هو ته جيستائين ماڻهو پنهنجي سيمن جي، ملڪيتن جي، ادارن جي ڌڻيپ نه ڪندا، تيستائين ترقيءَ جو عمل جمود جو شڪار رهندو. شروع ۾ ماڻهو ذميواريون قبولڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. سندن خيال هو ته سڀ ڪجهه حڪومت کي ئي ڪرڻون آهي. اسڪول ۽ اسپتالن جي ڪا ڌڻيپ ئي ڪانه هئي. ڪير پُڇڻ وارو ئي ڪونه هو ته عمارت ٺهي ويئي آهي ته ڊاڪٽر ڊيوٽي تي ڇو ڪونهي يا وري ماستر اسڪول ۾ ڇو ناهي؟ هر ڪو ذميوارين جو بار پنهنجي ڪلهن تان لاهي حڪومت کي پاراتا ڏيڻ ۾ پورو هو. هيٺين سطح تي تنظيم ڪاريءَ ۽ تربيت جي عمل ماڻهن منجهه سوچڻ جي چڻنگ ٻاري. ماڻهن پنهنجي تنظيمن جي گڏجاڻين ۾ مسئلن جي اجتماعي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ شروع ڪئي. صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي؛ بحث جي هڪڙي ابتدا ٿي.

ٿرديپ جيڪا آنڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڳوٺن ۾ هئي سا ڊاڪٽر سوني جي قيادت ۾ سڄي ٿر ۾ پکڙجندي ويئي. درست حڪمت عملي، برابري، مسئلن ڏانهن سنجيده رويو، ترقيءَ جي عمل ۾ ماڻهن جي حقيقي شراڪت ۽ رابطه ڪاري جي بنيادي اصولن جي پوئواريءَ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو. اهو ئي ڊاڪٽر سوني جي فڪر جو تت هو ته جڏهن ماڻهو سوچڻ شروع ڪندا، تڏهن واٽون پاڻ مرادو سُجهڻ لڳنديون. ڊاڪٽر سوني انهيءَ بت تراش جي ڳالهه تي عمل پئي ڪيو ته مورتي ته پٿر ۾ اڳي ئي موجود آهي ضرورت رڳو ان کي ٽُڪي ٻاهر ڪڍڻ جي آهي. ڊاڪٽر سوني جو به انهيءَ ڳالهه تي يقين هو ته هنر، قابليت ۽ اهليت ٿرين ۾ موجود آهي پر دز ۾ دٻيل آهي تنهن ڪري ضرورت ان امر جي آهي ته ان دز کي لاهجي ته ٿريو باقي دنيا سان مقابلي جي ميدان ۾ بيهڻ جي لائق ٿي ويندو.

ڊاڪٽر سوني پنهنجي زندگي جي نچوڙ ۽ ٿر جي اڀياس مان انهيءَ نتيجي تي پهتو ته ٿر جا بنيادي مسئلا رٿابنديءَ جو نه هجڻ، ڌڻيپ جي کوٽ ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن سان لاڳاپو نه هجڻ ئي آهن. اهي بنيادي ڪارڻ آهن جيڪي ٻين مسئلن کي جنم ڏين ٿا ۽ اسين بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران انهن جي نتيجن تي ويٺا ويچاريندا آهيون. ڊاڪٽر سوني جو چوڻ هو ته ڪيترا ئي اسڪول کولي ڇڏيو پر تعليم جو مسئلو ان وقت تائين حل نه ٿيندو جيستائين ماڻهو پنهنجا ٻار پاڙهڻ لاءِ نه موڪليندا. استادن سان پنهنجي ٻارن جي پڙهائي تي بحث مباحثو نه ڪندا. ساڳي طرح ڊاڪٽر صاحب جو خيال هو ته امدادي ڪڻڪ يا گيهه جي مفت فراهمي غربت جي خاتمي ۾ ڪوبه ڪردار ادا نه نٿي ڪري سگهي جيستائين ماڻهو پنهنجي روزاني زندگيءَ جو تجزيو ڪري درست رٿابندي نه ٿا ڪن. اهو ئي سبب هو جو ڊاڪٽر صاحب ترقيءَ جي انهيءَ بنيادي فلسفي تي عمل پيرا هو ته ماڻهن کي هيٺين سطح تي منظم ڪري سندن تربيت ڪئي وڃي، کين رٿابنديءَ جو شعور ڏنو وڃي ۽ کين سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن سان ڳنڍيو وڃي. ائين ڪرڻ سان ڌڻيپ جو تصور اُجاگر ٿيندو ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ سڀني جي شراڪت به ممڪن ٿيندي.

ڊاڪٽر سوني سان ڪنهن کي کڻي ڪيترا به اختلاف ڇو نه هجن پر ان کي سچائي جي اها ڪڙي گوري تي ڳڙڪائڻي ئي پوندي ته ڊاڪتر سوني جي قيادت ۾ ٿرديپ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن يا ٿر ۾ جيڪا شعوري بيداري اڄ آهي سا ٺلهن نعرن يا لفظي جادوگري جي ڪري ڪانهي پر اهو سڀ ڪجهه ٿرديپ جي سماجي ڪارڪنن جي عملي جدوجهد جو نتيجو آهي جيڪي ڊاڪٽر سوني جي قيادت ۾ سندس جوڙيل حڪمت عملي تي عمل پيرا رهيا آهن. ڪجهه عطائيت پسند مفاد پرست پنهنجن مقصدن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر سوني جي جدوجهد کي ناڪام ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن پر کين ڪا واضع ڪاميابي انهيءَ ڪري نصيب نه پئي ٿئي جو انهن مفاد پرستن جو وجود ڊاڪٽر سوني لاءِ اهم ناهي پر ٿر جي ترقي ۽ ٿرواسين جي خوشحالي ڊاڪٽر سوني جو مقصد آهي. ڊاڪٽر سونو چوي ٿو ته تاريخ گواهه آهي ته چڳائي جي عمل ۾ سدائين اهڙيون رڪاوٽون آيون آهن پر آنڱرين تي ڳڻڻ جيتري ٺڳن جي ٽولي جي ڪري پنهنجا آدرش اڌورا نه ٿا ڇڏي سگهجن. ٿرديپ جي قرض پروگرام تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ وارا ڪڏهن انهن وياج خور واپارين جا احوال ڪنهن سان نه ٿا ڪن جن جو جياپو داءُ تي لڳو پيو آهي ڇو ته سندن گذران هو ئي وياج جي مال تي ۽ ٿرديپ قرض جو حصول ايترو ته آسان ڪري ڇڏيو جو وياج خور واپاري ٻئي ڪنهن ڪاروبار جو سوچڻ لڳا آهن. ساڳي طرح قالين جي کڏين جا ٺيڪيدار به قالين جي تياريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جا دُڪان کولي ويٺا آهن. ڳوٺاڻيون تنظيمون سرڪاري ادارن ۽ نمائندن کان باقاعده پُڇاڻو پيا ڪن پر جن پنهنجي اکين ۾ اختلاف جو سرمون پائي ڇڏيو آهي تن کي ڪنهن شئي جي اڇاڻ نظر ڪيئن ايندي؟ ڊاڪٽر صاحب کان جڏهن قرض پروگرام جي چڱاين ۽ اوڻاين بابت پُڇيو ويو ته ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ وراڻيائين ته بُرائي مذهبن ۾ ناهي. ڪوبه مذهب بي ايماني نه ٿو سيکاري پر ان جي صحيح ۽ غلط تشريح جو ذميوار ماڻهو آهي. ڊاڪٽر صاحب چيو ته ساڳي ريت قرض پروگرام آهي، ان جي چڱائي يا اوڻائي جو دارومدار ان جي استعمال تي آهي. جيڪڏهن صحيح استعمال ڪيو ويندو ته فائدا اڻکٽ ۽ جيڪڏهن بغير رٿابندي جي قرض کي رڳو زبان جي چسڪي خاطر استعمال ڪيو ويندو ته بيشڪ ماڻهو فائدي بدران قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو.

ٿرديپ سان ڪم ڪرڻ دوران منهنجي ملاقات اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن سان ٿي جيڪي ٿرديپ جي قرض پروگرام مان ڪو لاڀ حاصل ڪري نه سگهيا هئا ۽ ان جو واحد سبب سندن غلط رٿابندي هئي. هنن قرض جو غير پيداواري استعمال ڪيو. هن کي هن ريت چيئي سگهجي ٿو ته قرض کنيو ويو چوپائي مال جي خريداريءَ لاءِ پر ان کي صحيح مقصد ۾ استعمال ڪرڻ بدران اڳي کنيل قرض کي لاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. هاڻ غيرجانبداريءَ جي نظر سان ڏٺو وڃي ته اهو شخص قسطن جي ادائيگي ڪٿان ڪندو؟ اهڙي ريت اهڙا ماڻهو اهڙن ماڻهن کي مليو وڃن جن جي اکين ۾ تعصب ۽ اختلاف جو سرمون پاتل آهي ۽ پوءِ ٻن ٺڳن جا مفاد ملي هڪڙي ڪوڙي خبر جي جنم جو ڪارڻ بنجندا آهن.

ڊاڪٽر صاحب ٿر جي غريب کي آواز ڏني، ترقيءَ ڏانهن ويندڙ شاهراهه جو گس ڏسيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ٿر ۽ ڊاڪٽر سونو هڪ ٻئي جي سُڃاڻپ آهن. پوري دنيا ۾ جتي ٿر جو ذڪر اچي ٿو اتي ڊاڪٽر سوني جو ذڪر اڻٽر ٿيو پوي. اهو سڀ ڪجهه سندس اڻکٽ جدوجهد جو نتيجو آهي. اڄ جيڪڏهن ٿر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ شمسي توانائي جي ذريعي ڪا جوت جلي ٿي ته اها ٿرديپ جي ٻاريل لاٽ آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار قالين جي کڏيءَ بدران ڪلهي ۾ ڪتابن جو ٿيلهو کنيو اسڪول وڃي ٿو ته اهو ڪمال ٿرديپ جي سماجي جاڳرتا جو آهي. عام چونڊن دوران جيڪڏهن ڪنهن اميدوار کي ڪنهن ڳوٺ ۾ پُڇاڻي کي منهن ڏيڻو پيو ته اهو ڪارنامون به ٿرديپ جي سماجي جاڳرتا مهم جو نتيجو آهي. پاڻي جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ دستيابي کي انتهائي ڪامياب حڪمت عمليءَ سان ممڪن بنايو ويو آهي. هاڻ ٿر ۾ اهڙو ڪو ڳوٺ ناهي جتي کوهه، هينڊ پمپ، يا ٽيوب ويل ناهي. برساتي پاڻي رڳو ٽوڀن ۽ تلائن ۾ گڏ ٿيندو هو ۽ وڌ ۾ وڌ چار کان ڇهه مهينا استعمال لائق رهندو هو. انهيءَ عرصي ۾ به انسان ۽ جانور ساڳئي تلاءُ مان پاڻي پيئندا هئا پر زير ذمين برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ جا ٽانڪا تعمير ڪرڻ واري ڊاڪٽر صاحب جي حڪمت عمليءَ سان ٻارنهن ئي مهينا برساتي پاڻي جي دستيابيءَ ممڪن ٿي سگهي. اخبار ۾ سدائين پڙهندا هئاسين ته نانگ ڏنگهي جي ويڪسين جي اڻهوند ڪري ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويهندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان يونيسيف وارن 500 وائل ويڪسين جا ڏنا ۽ ڊاڪٽر سوني جي بهتر رٿابندي ۽ حڪمت عملي سان انهي ويڪسين جو پول قائم ڪيو ويو جيڪو اڄ سوڌو ماڻهن لاءِ فائديمند ثابت ٿي رهيو آهي. ٺڳن جي ٽولي ته ان تي به اجائي واويلا ڪئي ته ويڪسين مفت ۾ فراهم ڪئي وڃي پر سندن گوڙ جو مقصد ٿر ۽ ٿرواسين جي مفاد ۾ نه پر کين مفت جي شين جو هيراڪ بنائڻ ۽ سندن خودانحصاري واري جدوجهد کي نقصان رسائڻ هو. اهو ئي ساڳيو ٽولو هو جنهن هر سماج سڌارڪ تحريڪ تي اهو الزام هنيو آهي ته اهي عورتن جا فوٽو ڏيکاري امداد حاصل ڪن ٿا پر اها تاويل سندن اڏوهي کاڌل سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي. اهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي عورتن کي ڪڙن ۽ ڪوٽن ۾ قيد ڏسڻ چاهين ٿا. اڄ ٿر جي عورت به ڳوٺاڻي سطح تي تنظيمون جوڙي ترقيءَ جي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. پنهنجي بچت ۽ قرض پروگرام جي ڪري بئنڪاري نظام سان سلهاڙيل آهي. اڀياسي دورن ذريعي ٻي دنيا جي تجربن مان سکڻ ۽ پنهنجي تجربن کي ٻين سان ونڊڻ ورڇڻ واري عمل جو حصو آهي.

اهو سڀ ڇاهي؟؟ اها جاگرتا راتورات ڪونه آئي آهي. تبديلي جي اها هوا ڪنهن عطائي سياستدان جو ڪارنامون ناهي پر هڪڙي منظم سماجي تحريڪ جو نتيجو آهي. هڪڙي چڻنگ جيڪا اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ مٺڙيو سومرا مان اٿي هئي سا مچ بڻي ۽ ٿر جي واهڻ وستي، ڳوٺ ڳوٺ تائين پکڙجي ويئي. وياج خور واپارين، عطائي سياستدانن، سياست جي آڙ ۾ ٺيڪيداريءَ جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ اُڏوهي کاڌل ريتن رسمن جي پاسداري ڪندڙ پٽيلن جي ڳٺ جوڙ کي للڪاريندڙ ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي ڪنهن لوڀ لالچ کانسواءِ سماجي تبديليءَ لاءِ ڏينهن رات جي فرق کانسواءِ اڄ به ساڳي توانائي سان جدوجهد ۾ رڌل آهي. سندس انهيءَ جدجهد کي سرڪاري سطح تي به تسليم ڪيو ويو ۽ کيس صدارتي تمغه امتياز سان پڻ نوازيو ويو آهي. ٿرديپ جو ڏيئو ڊاڪٽر سوني جي قيادت ۾ ٿر ۾ منظم سماجي تحريڪ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ڄامشورو، دادو ۽ خيرپور ضلعن ۾ به ساڳي حڪمت عملي تحت سماجي ناسورن سان مهاڏو اٽڪايو اچي.

سماجي انقلاب کي نيون معنائون ڏيندڙ ڊاڪٽر سوني جو خيال آهي ته تبديليءَ جو محور ۽ محرڪ ماڻهو پاڻ آهي. جيستائين ماڻهو تبديليءَ لاءِ تيار نه ٿيندا، ڪابه تبديلي لاڀائتي ۽ جٽادار ثابت ڪانه ٿيندي ۽ جڏهن ماڻهو پاڻ تبديلي جي عمل جي قيادت ڪندا ته دنيا جي ڪا به قوت کين سُڌرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي.  انهي ڪري ڊاڪٽر سوني جو فوڪس ڳوٺاڻن ادارن جي تشڪيل ۽ انهن جي تربيت ۽ سندن جديد معلومات تائين پهچ کي ممڪن بنائڻ آهي. ڇوته اهو مڃيل عالمي اصول آهي ته جديد معلومات سان سلهاڙيل قوم ئي پنهنجي تقدير پاڻ لکڻ جي لائق هوندي آهي.


About Author

Hameed Diplai is a development and humanitarian practitioner. He has been providing freelance consultative services to development organizations in developing, and designing of projects, concept notes and strategies. Moreover, Mr. Diplai has been writing features and articles for reputable Sindhi and English newspapers including Daily Dawn (English). His focus in writings has been poverty, gender discrimination, political analysis and social issues.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *